ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس وڏي ڪارروائي ڪندي 100 کان وڌيڪ ٻارن سان جنسي زيادتي ۾ ملوث 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.رپورٽ موجب ايس پي انويسٽيگيشن عثمان سندوزئي چيو ته اسان جي ٽيم متاثر ٻارڙي جي نشاندهي تي ٽيپو سلطان ۾ ڪارروائي ڪئي. گرفتار جوابدار مان مُک جوابدار عمران ۽ وقاص خان شامل آهن. جوابدارن 100 کان وڌيڪ ٻارن سان زيادتي ۾ ملوث رهيا. جڏهن ته پوليس کي 2020 کان 2025 تائين 7 شڪايتون رپورٽ ٿيون هيون.هن ٻڌايو ته مختلف ضلعن جي ڪيسز ۾ ڊي اين اي هڪ ئي شخص جو مليو هو اسان کي 6 سالن کان ڌار ڪيسز ۾ هڪ ئي ڊي اين ملڻ تي جاچ ٿي. اهڙن سمورن ڪيسز ۾ 12 کان 13 سالن جي ڇوڪرن کي زيادتي جو نشانو بنايو ويو جڏهن ته هڪ ڪيس ۾ ٻارڙي سان 2 کان وڌيڪ ماڻهن زيادتي ڪئي. داخل ٿيل سمورن 7 ڪيسز ۾ جوابدار جي ڊي اين اي ميچ ٿي ويو آهي.عثمان سدوزئي چيو ته ايڊيشل آءِ جي ڪراچي آزاد خان 6 جنوري تي ٽيم جوڙي هئي اها ٽيم ڊي آءِ جي، سي آءِ اي، مقدس حيدر جي سربراهي ۾ ٺاهي وئي هئي انهي ٽيم 11 ڏينهن جي اندر گهربل جوابدارن کي گرفتار ڪيو. هن چيو ته جوابدار عمران خان منظور ڪالوني جو رهواسي آهي جيڪو گاڏين جي پنڪچر جو ڪم ڪندو آهي، انهي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار عمران 6 سالن ۾ ڪيترن ئي ٻارن سان زيادتي جو اعتراف ڪيو آهي. عمران سمورن ٻارن کي ملير ندي جي ڀرسان وٺي وڃي زيادتي جو نشانو بنايو. اهو موٽر سائيڪل جي ٻارن کي لالچ ڏئي پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو.ايس پي وڌيڪ ٻڌايو ته 3 ڪيسز ۾ ٻارن جوابدار عمران کي سڃاڻپ ڪري ورتو آهي جڏهن ته هڪ ڪيس ۾ ٻارڙي عمران ۽ انهي جي ساٿي وقاص خان کي به سڃاڻي ورتو آهي. جوابدار هڪ ٻار کي وقاص سان گڏ سرجاني وٺي ويو هو جتي ٻار گوڙ ڪيو ته ٻئي جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويا. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه معاملي تي رد عمل ڏيندي چيو ته چائلڊ ابيوز ڪيسز ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندس. هن 100 کان وڌيڪ ٻارن سان زيادتي جي جوابدار جي گرفتاري وڏي وزير پوليس کي شاباش ڏني ۽ چيو ته ڪراچي ۾ ٻارن سان زيادتي ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري وڏي ڪاميابي آهي. هينئر تائين صرف 7 متاثرين سامهون آيا آهن پوليس ٻين متاثرين جي ڳولا ڪري. سنڌ جي وڏي وزير ايڊيشنل آءِ جي کي هدايت ڏني ته جوابدار جي خلاف شاهدين جي بنياد تي ڪيس عدالت ۾ آندو وڃي مون کي روزاني جي بنياد تي ڪيس جي اڳڀرائي رپورٽ ڏني وڃي.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ٻارن سان زيادتي وارن ڪيس کي برداشت نه ڪندي. ٻارن جي تحفظ لاءِ سنڌ حڪومت ڪيترائي قدم کنيا آهن. پوليس جوابدارن کي سزا ڏيارڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي. شهر ۾ ڪنهن ڏوهاري جي لاءِ جڳهه نه آهي.










