ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ 10 کان وڌيڪ غائب ماڻهن کي بازياب رڪائڻ بابت ڪيس ۾ پوليس کان 11 جنوري تائين اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪئي آهي لاپته شهري جي زال موقف ڏيندي ڇيو ته سندس مڙس حسن بلال 2015 کان گم آهي هن وقت تائين ان جو ڪو پتو ناهي لڳايو ويو حسن بلال کي رينجرز جي گاڏي کنڀيو هو پر ڪو پتو نه آهي ان جو ڏوهه ڇا هو ۽ ڪيڏانهن کڻي ويا. حسن بلال ڪمائڻ وارو هو اسان جا ننڍڙا ننڍڙا ٻارڙا آهن مان هاءِ ڪورٽ، سٽي ڪورٽ ۽ ٿاڻن ۾ ڌڪا کائي رهيو آهيان پر هن وقت تائين مون کي انصاف ناهي مليو گذريل سال لاپته شهرين جي گهرڀاتين کي 5 لک معاوضو ڏيڻ جو چيو ويو هو پر هن وقت تائين ڪجهه به ناهي ڏنو ويو پوليس به عدالت پيش ناهي ٿي عدالت پوليس کي 11 جنوري تائين اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.










