10 ساله نااهلي جي بحالي، نيب کي رليف نه مليو،ٻڌڻي ملتوي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) نيب مان سزايافته ماڻهن جي 10 سالن جي نااهلي واري معاملي تي نيب کي عدالت مان فوري طور تي تڪڙو رليف نه ملي سگهيو آهي.نيب سزا يافته ماڻهن جي 10 سالن جي نااهلي گهٽ ڪري 5 سال ڪرڻ جي فيصلي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي هئي جنهن کي عدالت 4 جنوري تي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس ثمن رفعت نيب جي مرڪزي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ سينئر اسپيشل پراسيڪيوٽر نيب محمد رافع عدالت جي سامهون پيش ٿيو ۽ پنهنجي موقف ۾ چيو ته فائق علي جمالي خلاف بلوچستان ۾ داخل ڪيل 9 ريفرنسز ۾ فيصلو ٿيو ۽ اليڪشن ڪميشن جي معاملن ۾ سنگل بينچ جو فيصلو پيش ڪيو پيو وڃي.عدالت سوال ڪيو ته اوهان گڏيل درخواست ڇو داخل ڪئي؟ جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذن تي اپيل داخل ڪرڻ جي سڀاڻي آخري تاريخ آهي.نيب پراسيڪيوٽر جي موقف تي عدالت چيو ته اهو اسان جو مسئلو نه آهي هڪ ڏينهن کان پوءِ مرڪزي اپيل سان گڏ اها گڏيل درخواست به ٻڌنداسين پوءِ ڏسنداسين. جنهن کان پوءِ عدالت درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي 4 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو