1 سال ۾ پاڪستان کي 2 ارب ڊالر جي رڪارڊ رقم ڏني: ورلڊ بينڪ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عالمي بئنڪ مالي سال 24-2023ع دوران پاڪستان کي 2.25 بلين ڊالر جي رڪارڊ رقم جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ 350 ملين ڊالر پاليسي قرض شامل آهن.پاڪستان لاءِ عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسين اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيما ۽ وزارت جي ٻين اعليٰ عملدارن ڏانهن موڪليل باضابطه پيغام ۾ چيو ته اوهان جي ذاتي سهڪار ۽ قيادت سان گڏ، وفاقي سيڪريٽري ڪاظم نياز ۽ سندس سهڪار کي ساراهيان ٿو. ٽيم جي قيادت ۽ ڪوششون جنهن عالمي بئنڪ جي مدد سان هلندڙ منصوبن تي عملدرآمد ۽ مالي سال 24 ۾ رڪارڊ رقم جي ورهاست ۾ اهم بهتري کي يقيني بڻايو آهي.پيغام ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته انهن نتيجن کي حاصل ڪرڻ ۾ ڀرپور سهڪار تي وفاقي ۽ صوبائي وزارتن ۽ کاتن جي قيادت ۽ صوبائي حڪومتن کي پڻ ساراهيو وڃي.بئنڪ پاڪستان ۾ هڪ غير معمولي 2.25 بلين ڊالر ورهايا آهن، جن ۾ 350 ملين ڊالر ٻئي ادارا پائيدار اقتصاديات (RISE-II) ڊولپمينٽ پاليسي فنانسنگ کان، تاريخ ۾ سڀ کان وڏي ورهاست آهي ۽ زميني سطح تي اهم ۽ انتهائي گهربل نتيجا ظاهر ڪن ٿا.RISE-II بجيٽ سپورٽ يا 2022 جي ٻوڏ کان پوءِ جاري ڪيل ايمرجنسي ڪيش ٽرانسفرن کي ڇڏي، FY24 ۾ معياري IPF ۽ P4R پورٽ فوليو جاري ڪرڻ FY23 کان وڌيڪ آهي، جيڪو اڳ ۾ ئي هڪ رڪارڊ سال هو.

پهنجو تبصرو موڪليو