ڳڙهي ياسين ۾ مسافر ڪوچ ڪلٽي، 8 ڄڻا زخمي

ڳڙهي ياسين ۾ مسافر ڪوچ ڪلٽي، 8 ڄڻا زخمي

شڪارپور (رپورٽ: عبدالخالق سومرو) ڳڙهي ياسين موڙ ڀرسان مسافر ڪوچ ڪلٽي، 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.ڻتفصيلن موجب شڪارپور جي علائقي ڳڙهي ياسين موڙ ٽول پلازا ڀرسان تيز رفتاري سبب مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 8 مسافر زخمي ٿي پيا. پوليس موجب حادثو ڌنڌ ۽ تيز رفتاري سبب پيش آيو. مسافر ڪوچ ڪراچي کان جيڪب آباد ۽ ٺل ڏانهن وڃي رهي هئي ته اوچتو ڳڙهي ياسين موڙ ڀرسان ڊرائيور جي قبضي مان نڪري ڪلٽي ٿي وئي. حادثي سبب ڪوچ ۾ سوار ڪيترائي مسافر زخمي ٿي پيا. پوليس ٻڌايو ته زخمين ۾ فدا، نظير، اياز، صادق، روقيه، فرحت ناز سميت ٻيا به شامل آهن. واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون ۽ زخمين کي فوري طور ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب واقعي بابت وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو