بني گالا کي سب جيل قرار ڏئي ٻئي جي ملڪيت تي قبضو ڪيو ويو

بني گالا کي سب جيل قرار ڏئي ٻئي جي ملڪيت تي قبضو ڪيو ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي کي بني گالا جي رهائشگاهه مان اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو ويو، جنهن کي سب جيل قرار ڏنو ويو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس گل حسن اورنگزيب 15 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ لکت واري فيصلي ۾ چيو آهي ته درخواستگذار موجب هوءَ جيل ۾ رھڻ چاهي ٿي ته اڪيلائي ختم ٿي، عدالتي فيصلا آهن ته اڪيلائي ۾ ڪنھن کي رکڻ تارچر آهي.لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته بشرا بي بي کي اڪيلائي ۾ ۾ رکي سزا وڌيڪ سخت ڪئي وئي، گهر کي جيل قرار ڏنو ويو ته جيئن بشرا بي بي جا ٻار آساني سان گهر نه اچي سگهن.عدالت چيو ته گهر ڀاتين کي گهر اچڻ لاءِ سپرنٽينڊنٽ جيل يا عدالت کان به اجازت وٺڻي پوندي آهي، رڪارڊ تي ڪجهه ناهي ته گهر کي سب جيل قرار ڏيڻ کان اڳ مالڪ کان اجازت ورتي وئي هئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ لکت واري فيصلي ۾ چيو آهي ته گهر کي سب جيل قرار ڏئي ذاتي ملڪيت تي ورچوئل قبضو ڪيو ويو، مالڪ جي اجازت کانسواءِ گهر کي سب جيل قرار ڏئي بنيادي حقن کان محروم ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو