ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري آئين جي آرٽيڪل 116 تحت صوبائي موٽر گاڏيون (ترميمي) بل 2026 جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.بل جي منظوري کان پوءِ هاڻي صوبي ۾ ٽئين پارٽي موٽر انشورنس لازمي ٿي وئي آهي، جڏهن ته ٽئين پارٽي انشورنس کان سواءِ گاڏي جي رجسٽريشن ۽ منتقلي ممڪن نه هوندي.بل موجب، بيمه ٿيل گاڏين جي حادثن ۾ فوت ٿيندڙن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 7 لک رپيا معاوضو مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مستقل معذوري جي صورت ۾، 5 لک رپين تائين معاوضو ادا ڪيو ويندو، جڏهن ته انشورنس ڪمپني 45 ڏينهن اندر معاوضو ادا ڪرڻ جي پابند هوندي.










