گوجرانوالا، ليگي اميدوار جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن رد

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ اين اي 81 گوجرانوالا تان مسلم ليگ ن جي اظهر قيوم جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.جسٽس شاهد ڪريم سني اتحاد ڪائونسل جي بلال اعجاز چوڌري جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت سُني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار بلال اعجاز چوڌري کي ايم اين اي بحال ڪري ڇڏيو.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته بلال اعجاز چوڌري 8 هزار ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو، اليڪشن ڪميشن ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ تي مخالف اميدوار اظهر قيوم کي ڪامياب قرار ڏنو.درخواست ۾ چيو ويو ته ريٽرننگ آفيسر ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ تي درخواستگذار جا ووٽ 2500 گهٽ ڪيا.

پهنجو تبصرو موڪليو