گهوٽڪي: اوڳاهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، نوجوان قتل

گهوٽڪي: اوڳاهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، نوجوان قتل

گهوٽڪي: (ن س) گھوٽڪي ڀرسان غوثپور جي ڪچي واري علائقي ڪچو ٻِنڊي ٽو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ملان ڏنو اوڳاھي ۾ اوڳاھي برادري جي ٻن ڌرين خان محمد ۽ سعيدو اوڳاهي ۾ ھلندڙ پراڻو خوني تڪرار ھڪ دفعو ٻيھر ڀڙڪي اٿيو۔ ٻنھي ڌرين جي ماڻھن جي ھڪ ٻئي مٿان جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪئي جنھن جي نتيجي ۾ 30 ورهين جو نوجوان حماد پٽ آچر اوڳاهي ٿڏي تي مارجي ويو۔ مارجي ويل جو لاش گھوٽڪي جي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو واضع رھي ته ٻارنھن سال اڳ چوپائي مال جي چوري تان اوڳاھي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو شروع ٿيو ھو جنھن ۾ چاڪر تيغاڻي۔ سعيدو اوڳاھي ۽ اسحاق اوڳاھي قتل ٿي ويا ھئا۔ فائرنگ جو سلسلو ھڪ ڪلاڪ کان جاري آھي۔ علائقو جنگ جو ميدان بڻيل آھي۔ حد جي پوليس واقعي واري ھنڌ ڏانھن رواني ٿي وئي آھي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو