گهر مان ڪاروبار ڪندڙن تي بجلي بل ۾ ٽيڪس لڳندو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) گھر مان ڪاروبار ڪرڻ وارن غير رجسٽرڊ ماڻھن تي بجلي جي بلن ۾ اضافي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهڙو اعلان ايف بي آر جي سينئر عملدار قيصر اقبال انجمن تاجران جي صدر ڪاشف چوڌري سان گڏ ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو. تاجرن ۽ ايف بي آر جي نمائندن ۾ ٿيل ڳالهين بعد هنن چيو ته ننڍن واپارين جون ايف بي آر سان ڳالھيون ڪامياب ٿيون آھن، سوشل ميڊيا جي دور ۾ صدارتي آرڊيننس جي حوالي سان غلط فھميون پيدا ڪيون پيون وڃن. ھن چيو ته جيڪي ماڻھو گھرن مان ڪاروبار ڪري رھيا آھن پر رجسٽر ناھن، ان پروفيشنلز جي بجلي جي بلن تي واڌو ٽيڪس لڳايو ويندو. قيصر اقبال جو چوڻ ھو تھ ننڍا واپارين سان مشاورت ڪري رھيا آھيون ۽ ڪمشنرز کي چيو آھي تھ اھي واپارين جا مسئلا ٻڌي ڪري ان کي ننڍي سطح تي حل ڪن. واپاري اڳواڻ ڪاشف چوڌري چيو تھ پوائنٽ آف سيلز ننڍن واپارين تي لاڳو نھ ٿيندو، اھو واضح ڪري ڇڏيو آھي تھ ننڍن واپارين کا سيلز ٽيڪس بجلي جي بل ۾ ڪٽجي ويندو آھي ٽيڪس تريمي آرڊيننس ۽ بجلي جي بلن تي اضافو ٽيڪس جو معاملو ختم ٿي ويو آھي. ڳالهين بعد واپارين 27 سيپٽمبر تي احتجاج نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو