ڪراچي (ا سٽاف رپورٽر)ڪراچي جي بفر زون علائقي ۾ گهريلو ملازم تي تشدد جي وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.بفر زون ۾ گهريلو ملازم تي تشدد جي واقعي جي حوالي سان پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ملازمه تي تشدد جو واقعو 11 ڊسمبر تي پيش آيو ۽ عورت تي تشدد ڪندڙ جوابدار فرار آهي، پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته متاثره جي شڪايت تي تشدد جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.پوليس اختيارين ٻڌايو ته جوابدار جي ڳولا ۾ ڇاپا هنيا پيا وڃن ۽ کيس جلد گرفتار ڪيو ويندو.










