گم ٿي ويلن بابت ڪميشن،وزيراعظم طلب

گم ٿي ويلن بابت ڪميشن،وزيراعظم طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بلوچ انفورسڊ ڊسپيئرنس ڪميشن جي سفارشن تي عملدرآمد بابت نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو.عدالت چيو ته ڪميشن جي سفارشن موجب 55 گم ٿيل بلوچ شاگردن کي پيش ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ نگران وزيراعظم پيش ٿئي. عدالت بلوچ شاگردن جي بازيابي نه ٿيڻ تي نگران وزيراعظم کي 29 نومبر تي طلب ڪري ورتو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بچاءَ واري وزير، گهرو وزير، بچاءَ واري سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري کي به پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال ڊوگل عدالت ۾ پيش ٿيو، جنهن تي عدالت چيو ته ڊوگل پهريان ٻڌايو ته ڇا هي ڪيس آهي ته جيئن صورتحال واضح ٿي وڃي. جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ڏنا ته اڄ هن ڪيس جي 21هين ٻڌڻي آهي. ان کان اڳ جسٽس اطهرمن الله اهو ڪيس چيف جسٽس هو. عدالت جي حڪم تي ڪميشن جوڙي وئي، ان ۾ سوال پيش ڪيا ويا، هڪ نه پر 51 بلوچ شاگردن جي جبري گمشدگين جو ڪيس وفاقي حڪومت ڏانهن اماڻيو ويو. هن چيو ته اسان اهو معاملو ملڪ جي وزيراعظم ڏانهن موڪليو هو، وزيراعظم کي پاڻ ان جو احساس ٿيڻ گهرجي ها، اسان سوچيو هو ته هو اچي چوندا ته هي اسان جا ٻار آهن، جيڪڏهن انهن تي فوجداري ڪيس هجي ها ته اسان وٽ هجي ها. ان کي رجسٽرڊ ڪيو، توهان کي اها رپورٽ پڙهڻ گهرجي جيڪا اسان وٽ پيش ڪئي وئي آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال ڊوگل عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس جيڪو به هجي، لاڳاپيل وزارت ان کي ڏسندي آهي يا ان کي ذيلي ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويندو آهي. جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته عدالت کي پنهنجو ڪم ڪرڻو آهي ۽ ان تي عمل يقيني بڻائڻو آهي. اڄ 21 هين ٻڌڻي تي به اسين ساڳي جاءِ تي بيٺا آهيون، اسان کي يقين آهي ته آهستي آهستي شيون تبديل ٿينديون ۽ ماڻهو واپس ايندا. عدالت چيو ته اها رياست جي ذميواري آهي ۽ رياست ٻڌائي ها ته هاڻي اهي ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ آهن، اسان گذريل ڪيترن سالن کان اهو ئي ڏسي رهيا آهيون. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ قائم ڪيل وزارتي ڪميٽي جي رپورٽ رد ڪندي چيو آهي ته نگران وزيراعظم کي نوٽيس جاري ڪيو ويندو، نگران گهرو وزير ۽ نگران بچاءَ واري وزير کي به طلب ڪيو ويندو، نگران وزير اعظم انساني حقن واري وزير کي به طلب ڪيو ويندو، اهو ڪم ايگزيڪيوٽو جو هو پر اهو ڪم عدالت ڪري رهي آهي. عدالت رمارڪس ڏنا ته ڇا اسان اهو معاملو گڏيل قومن ڏانهن موڪلينداسين، ڇا اسان پنهنجي ملڪ جي بي عزتي ڪندا؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل وزيراعظم ۽ وزيرن کي طلب نه ڪرڻ جي استدعا ڪئي، جنهن تي جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته ان ۾ ڪا به ڳالهه ناهي، هر شيءِ کي مذاق بڻايو پيو وڃي. هن ملڪ جي عوام لاءِ ان کان وڌيڪ ڪهڙي بي عزتي ٿي سگهي ٿي جڏهن ماڻهو گم ٿي رهيا آهن.عدالت چيو ته نگران بچاءَ واري وزير ۽ نگران گهرو وزير کي به ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ گهرجي، پيش ٿيڻ سان ڪو فرق نٿو پوي، اها راڪيٽ سائنس ناهي ته کين سڏيو پيو وڃي، اسان اسلام آباد ۾ ويٺا آهيون ۽ حقن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون. بلوچستان جا آهن جسٽس محسن اخترڪياني چيو ته مان ڊسپيئرنس ڪميشن جي سفارشن تي عملدرآمد لاءِ ست ڏينهن جو وقت ڏئي رهيو آهيان.

پهنجو تبصرو موڪليو