گمبٽ ۾ ڪار جو بائيڪ  کي ٽڪر، 2 عورتون فوت، 2 زخمي

گمبٽ ۾ ڪار جو بائيڪ کي ٽڪر، 2 عورتون فوت، 2 زخمي

گمبٽ: (رپورٽر) گمبٽ ڀرسان خيرپور–لاڙڪاڻو روڊ تي نظام جي لاهي وٽ ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ڏکوئيندڙ حادثو پيش آيو، ڪار ء موٽر سائيڪل جي وچ ۾ آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل تي سوار ٻه عورتون فوت ٿي ويون آھن جڏھن تہ ٻہ مرد سخت زخمي ٿي پيا آھن.فوتي عورتن ۾ 50 ورهين جي نصيبان خاتون زال اعجاز شباڻي ۽ 48 ورهين جي ڌياڻي خاتون زال متو شنباڻي شامل آهن. حادثي ۾ ٻہ ڀائر طفيل ۽ ميثم شباڻي زخمي ٿي پيا آھن.زخمين کي فوری طور طبي امداد لاءِ گمس اسپتال گمبٽ منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو آھي وڌيڪ جاچ جاري آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو