ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ لنجار چيو آهي ته سخت قدمن ۽ بهتر جاچ سان گل پلازه سانحي جون حقيقتون سامهون آڻينداسين.پنهنجي هڪ بيان ۾ صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار گل پلازه انڪوائري ڪميشن جي جوڙجڪ تي چيو ته جسٽس آغا فيصل جي سربراهي ۾ ڪميشن 8 هفتن ۾ جاچ رپورٽ مڪمل ڪندو. ڪميشن گل پلازه جي تعميراتي منظوري ۽ ليز جي قانوني حيثيت جي جاچ ڪندو. بلڊنگ پلان جي ڀڃڪڙي ۽ ايمرجنسي ۾ ٻاهر نڪرڻ جي رنڊڪن جو به جائزو ورتو ويندو.گهرو وزير چيو ته باهه وسائڻ جي انتظامن ۽ فائر سيفٽي آڊٽ جي ڪوتاهين کي به ڏٺو ويندو جڏهن ته ڪميشن باهه لڳڻ سبب سبب حالتون ۽ ريسڪيو آپريشن جي رفتار جو به معائنو ڪندو.ضياءَ لنجار غفلت جي حقدار آفيسرن ۽ بلڊنگ مينجمينٽ جي خلاف ذميواري فڪس ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. گهرو وزير ڪمشنر ڪراچي کي انڪوائري ڪميشن جي لاءِ سموري مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت گل پلازه متاثرين جي داد رسي ۾ دير نه ڪندي. سخت قدمن ۽ بهتر جاچ جي بدولت حقيقتون منظر عام تي آڻينداسين. ياد رهي ته 17 جنوري 2026 تي ڪراچي جي ايم اي جناح روڊ تي واقع مشهور شاپنگ سينٽر گل پلازه ۾ خوفناڪ باهه لڳي هئي جنهن جي ڪري 70 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا.










