ڪراچي: (اسٽاف رپوٽر) جسٽس آغا فيصل جي سربراهي ۾ گل پلازا سانحي جوڊيشل ڪميشن سانحي ۾ فوت ٿيلن جي خاندانن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کان مڪمل تعاون جي اپيل ڪئي. ملاقات دوران جسٽس آغا فيصل خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته توهان سڀ شهيدن جا خاندان آهيو ۽ اسان کي انهن شهادتن تي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي. ڪميشن چاهي ٿي ته جاچ خاندانن کان شروع ڪئي وڃي ته جيئن انهن جا خيال ۽ خدشا سڌو سنئون ٻڌي سگهجن. هن واضح ڪيو ته ڪميشن جو مقصد مستقبل ۾ اهڙن افسوسناڪ واقعن ۽ جاني نقصان کي روڪڻ کي يقيني بڻائڻ آهي. مالي نقصان جي تلافي ممڪن آهي، پر جاني نقصان جي تلافي ممڪن ناهي. جسٽس آغا فيصل چيو ته خاندانن لاءِ ڪجهه سوال تيار ڪيا ويا آهن ۽ ڪميشن انهن جي مدد طلب ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن خاندان چاهين ٿا، ته اهي موقعي تي سوالنامو جمع ڪرائي سگهن ٿا يا بعد ۾ هاءِ ڪورٽ ۾ اچي پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرائي سگهن ٿا. هن چيو ته ڪيترائي مائٽ اڃا تائين موجود نه آهن، تنهن ڪري ڪميشن چاهي ٿو ته سڀئي متاثر خاندان پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرائين ته جيئن مڪمل حقيقتن تائين پهچڻ ۾ آساني ٿئي. ڪميشن عوام حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کان پڻ معلومات طلب ڪري رهي آهي، جڏهن ته بچاءُ وارن ڪارڪنن تائين رسائي جي خواهش پڻ ظاهر ڪئي وئي آهي.جسٽس آغا فيصل چيو ته سڀني معلومات ۽ بيانن جي بنياد تي جامع جواب ۽ سفارشون تيار ڪيون وينديون ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن سانحن کي روڪڻ ممڪن ٿي سگهي.










