ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته گل پلازا جي تعمير ۽ منظوري ۾ سنڌ حڪومت يا پيپلز پارٽي جو ڪو به ڪردار نه هو.شرجيل ميمڻ پنهنجي بيان ۾ چيو ته عمارت جي منظوري 1983 ۾ ميئر عبدالستار افغاني جي دور ۾ ڏني وئي هئي، جڏهن ته ليز جي تجديد 1991 ۾ ميئر ڊاڪٽر فاروق ستار جي دور ۾ ڪئي وئي هئي.هن چيو ته سڀئي بي ضابطگيون 2003 ۾ باقاعده ڪيون ويون هيون، جڏهن ان وقت جو ميئر نعمت الله خان هو. 18 هين ترميم کان اڳ سڀئي فيصلا مقامي ادارن پاران ڪيا ويا هئا، معاملي کي سياسي رنگ ڏيڻ حقيقتن کي ٽوڙڻ جي برابر آهي.










