لاهور: (ويب ڊيسڪ) ڪڻڪ جي نئين قيمت مقرر ڪرڻ جي لاءِ داخل ڪيل درخواست تي عدالت وفاقي حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو آهي. عدالت سڳوري لاهور ۾ ڪڻڪ جي نئين قيمت مقرر ڪرڻ جي لاءِ داخل ڪيل گڏيل درخواست تي ٻڌڻي جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ڪئي جنهن ۾ درخواستگذار جي وڪيل ايڊووڪيٽ بلال احمد طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ته وفاقي حڪومت 40 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ هجڻ جي باوجود 35 لک ٽن ڪڻڪ ٻاهر کان گهرائي. هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت ڪڻڪ گهرائڻ سان قومي ناڻي کي هڪ ارب ڊالر جو نقصان ٿيو. پنجاب ڪڻڪ جي ساڳئي قيمت برقرار رکي آهي جيڪا گذريل سال هئي جڏهن ته مهانگائي 20 سيڪڙو وڌي چڪي آهي پر هارين کي اگهه وڌائي نه ڏنو ويو.درخواست ۾ عدالت کان استدعا ڪئي وئي آهي ته حڪومت کي حڪم ڏنو وڃي ته ڪڻڪ جي نئين قيمت مقرر ڪري. عدالت وفاقي حڪومت کان به ڪڻڪ جي بحران جي حوالي سان رپورٽ طلب ڪري.جنهن کان پوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو. ٻئي پاسي عدالت 30 اپريل جي آرڊر ۾ پنجاب حڪومت ۽ پنجاب جي زراعت کاتي کان رپورٽ طلب ڪئي هئي.
انسٽاگرام ۾ واٽس ايپ جي ويو ونس جهڙو فيچر متعارف
ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي هيلي ڪاپٽر سان حادثو، ڳولا جاري
لاقانونيت ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف ڪُل جماعتي ڪانفرنس گهرائڻ جو فيصلو
ٻٽي شهريت رکندڙ نگران وزيرن ۽ صلاحڪارن جا نالا پڌرا ڪرڻ جو حڪم
نثار کهڙو بپلڪ اڪائونٽس ڪيمٽي سنڌ جو چيئرمين،منظوري
جون 2025ع تائين روپيو پنهنجو ملهه 18 سيڪڙو وڃائي ويهندو: آئي ايف ايف
يوسف رضا گيلاني جي موبائل فون تي ڌمڪي وارو پيغام وصول
نائب وزيراعظم ڊار ۽ امير مقام جو ڪرغزستان جو دورو اوچتو ملتوي
سنڌ دشمن منصوبن خلاف لڳل بک هڙتال پڄاڻي تي پهتي
هيٽ ويوو سبب ميٽرڪ جا امتحان ملتوي
ايس ايڇ او ڪورنگي انڊسٽريل ايريا معطل
افغانستان ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي، 70 ڄڻا فوت، ڪيترائي لاپتا
ڪي پي ۾ تعلقي چيئرمينن ۽ ميئرن جا مراعات ٻيڻي ڪرڻ جو فيصلو
اين اي 148 ملتان ۾ ضمني چونڊ لاءِ پولنگ عمل ختم،ڳڻپ جاري
بجيٽ ۾ پگهارن ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جو امڪان
عشرت العباد جو هڪ ڀيرو ٻيهر عملي سياست ۾ اچڻ جو اشارو
گرمي جي شدت ۾ واڌ، گيسٽرو ۽ معدي جي بيمارين ۾ واڌ
ڪوهلي پي ايس ايل ۾ اچي يا ٽيم ۾ سان گڏ ڀليڪار ڪندس: آفريدي
اسٽار ڪڊ جي ڪري هڪ فلم تان هٿ کنيو، راجڪمار رائو
سنڌ يار سکر 19 مئي 2024