پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخواهه حڪومت ڪجهه ڏينهن اڳ حادثي جو شڪار ٿيل هيلي ڪاپٽر جي جاءِ تي هڪ نئون هيلي ڪاپٽر خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.چيف سيڪريٽري خيبر پختونخواهه شهاب علي شاهه هڪ نئون هيلي ڪاپٽر خريد ڪرڻ جي فيصلي جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته قدرتي آفتن سميت ٻين ڪمن لاءِ هيلي ڪاپٽر جي ضرورت آهي.شهاب علي شاهه چيو ته مهمند ۾ هيلي ڪاپٽر حادثي کان پوءِ حڪومت وٽ هڪ هيلي ڪاپٽر بچيو هو، تنهن ڪري ٻيو هيلي ڪاپٽر خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو چوڻ آهي ته هيلي ڪاپٽر جي عملي ٻين لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون، اهي اسان جا حقيقي هيرو آهن، انهن جي قرباني سونهري اکرن ۾ لکي ويندي. علي امين گنڊاپور چيو ته صوبائي حڪومت شهيدن جي خاندانن لاءِ هڪ خاص پيڪيج جي منظوري ڏني، صوبائي حڪومت شهيدن جي وارثن کي اڪيلو نه ڇڏيندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙن جي خاندانن کي پوليس جي برابر شهيدن جو پيڪيج ڏنو ويندو.سرڪاري ذريعن موجب، هيلي ڪاپٽر جي عملدار جا پنج ئي ميمبر ڪانٽريڪٽ ملازم هئا. هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ ٻن پائلٽن جي وارثن کي اسڪيل 19 پوليس آفيسر جي شهيدن جي پئڪيج جي برابر پئڪيج ڏنو ويندو. ٻنهي پائلٽن جي خاندانن کي هر هڪ کي 2 ڪروڙ رپين جو پئڪيج ڏنو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته پائلٽن ۾ ڪرنل رٽائرڊ شاهد سلطان ۽ آفتاب شامل آهن، جڏهن ته فلائيٽ انجنيئر سليم جي وارثن کي 15 ڪروڙ رپيا ۽ ٻنهي ڪرو چيفس جي خاندانن کي هر هڪ کي 1 ڪروڙ رپيا ڏنا ويندا.










