ڪيماڙي ۾ ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، ٻار سميت 3 ڄڻا فوت

ڪيماڙي ۾ ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، ٻار سميت 3 ڄڻا فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ڪياماڙي علائقي ۾ ٽريفڪ حادثي ۾ هڪ ٻار سميت ٽي ماڻهو فوت ٿي ويا.ڪياماڙي ۾ ڪار موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ مڙس، زال ۽ ٻار فوت ٿي ويا. ريسڪيو اختيارين موجب حادثي ۾ فوت ٿيلن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.ٻئي طرف بلديا ٽائون ۾ ڊمپر حادثي ۾ هڪ شخص فوت ٿي ويو. پوليس ڊرائيور کي گرفتار ڪري ڊمپر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.پوليس موجب فوت ٿيل جي سڃاڻپ نجم بشير جي نالي سان ٿي آهي، فوت ٿيل هڪ سرڪاري اداري جو ملازم آهي، فوت ٿيل جي شادي 4 سال اڳ ٿي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو