پشاور(ويب ڊيسڪ) ڪوهستان مالي اسڪينڊل جي جوابدار هڪ ڀيرو ٻيهر نيب سان پلي بارگين جي درخواست ڏني آهي.ذريعن موجب، ڪوهستان ڪرپشن اسڪينڊل جي جوابدار محمد ايوب نيب سان 3.45 ارب رپين جي پلي بارگين جي درخواست ڏني آهي. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار نيب کي 3 قسطن ۾ رقم ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جڏهن ته جوابدار اڳ ۾ ٿوري رقم لاءِ پلي بارگين جي درخواست ڏني هئي.










