ڪشمور: (ن س) ڪشمور ٿاڻي جي حد، ڳوٺ غلام حيدر کوسو ۾ چوپائي مال جي چوري دوران مزاحمت ڪرڻ تي نامعلوم هٿياربند چورن جي فائرنگ سبب گهر ڌڻي عبدالخالق کوسو قتل ٿي ويو، جڏهن ته ٻه عورتون سخت زخمي ٿي پيون.نامعلوم هٿياربند جوابدار رات دير سان عبدالخالق کوسو جي گهر ۾ چوپائي مال چوري ڪرڻ جي نيت سان داخل ٿيا، جنهن تي گهر ڌڻي پاران مزاحمت ڪئي وئي. ان دوران چورن پاران سڌي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ گهر ڌڻي عبدالخالق کوسو گوليون لڳڻ سبب موقعي تي ئي قتل ٿي ويو، جڏهن ته گهر ۾ موجود ٻه عورتون پڻ فائرنگ جي نتيجي ۾ سخت زخمي ٿي پيون.واقعي بعد علائقي ۾ ڀاڄ پئجي وئي، جڏهن ته مقتول ۽ زخمين کي فوري طور تعلقه اسپتال ڪشمور منتقل ڪيو ويو، جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي. ڊاڪٽرن موجب زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.هوڏانهن واقعي بعد سموري علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڇانيل آهي، جڏهن ته ڪشمور شهر ۾ وڌندڙ بدامني ۽ چوري، ڦرن جي واقعن خلاف سياسي، سماجي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن پاران سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي. شهرين مطالبو ڪيو آهي ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري علائقي ۾ امن امان بحال ڪيو وڃي. پوليس موجب واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، نامعلوم جوابدارن جي ڳولا لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. وڌيڪ جاچ جاري آهي.










