ڪراچي ۾ 1 ڏينهن اندر 50 هزار جا چالان شھرين حوالي

ڪراچي ۾ 1 ڏينهن اندر 50 هزار جا چالان شھرين حوالي

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي شهر ۾ اي چالان جو نظام ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي ويو، هڪ شهري کي هڪ ئي ڏينهن ۾ 5 چالان ملي ويا.حڪيم الله موجب مون کي پنج اي چالان 30 آڪٽوبر تي ڏنا ويا جن مان چالان هڪ ئي هنڌ تي ۽ 2 ٻئي هنڌ تي جمع ڪرايا. شهري ٻڌايو آهي ته پهريان 3 چالان 12:03 منٽن تي ماڙيپور ۾ ٿيا، چوٿون ۽ پنجون چالان 12 لڳي 13 منٽن تي حسن اسڪوائر تي ٿيو جڏهن ته سمورا چالان سيٽ بيلٽ نه پائڻ تي ڪيا ويا. شهري چيو آهي ته مليل چالان تي تاريخ به لکيل آهي جڏهن ته 50 هزار جا چالان ملڻ تي شهري مٿي تي هٿ رکي ڇڏيا. ٽريفڪ پوليس موجب شهري سان رابطو ٿي ويو آهي انهي کي سهوليت سينٽر وڃڻ جو چيو ويو آهي، اهي چالان ري ويو ٿي ويندا ڇو ته انهي جو پهريون چالان هو انهي لاءِ اهي به معاف ٿي ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو