ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)موسميات کاتي ڪراچي ۾ سياري جي پهرين برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.موسميات کاتي موجب، اولهه هوائن جو نظام 28 ڊسمبر کان مٿانهين علائقن کي متاثر ڪندو، ۽ اولهه هوائن جو نظام اڱاري ۽ اربع جي وچ ۾ اثرائتو ٿي سگهي ٿو.ڪراچي ۾ سياري جي پهرين برسات جو امڪان 30 ڊسمبر تي آهي، جنهن جي ڪري سردي جي شدت وڌي سگهي ٿي.شهر جي گرمي پد جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته 24 ڪلاڪن دوران گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 11 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڏينهن ۾ موسم خشڪ ۽ رات ۾ ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب، اڄ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 26 کان 28 ڊگري رهڻ جو امڪان آهي، هوا ۾ نمي 66 سيڪڙو آهي ۽ هوائون اتر اوڀر کان هلڪي رفتار سان هلي رهيون آهن.ان کان علاوه، مٿانهين علائقن ۾ سخت ٿڌ جي لهر جاري آهي، استور ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد منفي 14، اورنگ ڪل ۾ منفي 7، گلگت ۽ چترال ۾ منفي 4، ڪوئيٽا ۾ منفي 3، اسلام آباد ۽ لاهور ۾ 7 درجا، جڏهن ته پشاور ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 8 درجا سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.










