ڪراچي ۾ نفري گهٽ آهي، انڪري سيڪيورٽي واپس ورتي

ڪراچي ۾ نفري گهٽ آهي، انڪري سيڪيورٽي واپس ورتي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن کان سيڪيورٽي واپس وٺڻ جا ڪجهه سبب ضرور هوندا. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد چيو ته شهر ۾ پوليس جي کوٽ آهي، شايد اهو ئي سبب آهي جو ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن کان پوليس سيڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي.هن چيو ته مون وٽ ڪا به پوليس سيڪيورٽي ناهي، سنڌ حڪومت جي ايم پي ايز کي به ڪا به سيڪيورٽي ناهي، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن کان سيڪيورٽي واپس وٺڻ جا ضرور سبب هوندا. سعديه جاويد چيو ته سنڌ ۾ فرانزڪ ليب قائم نه ٿيڻ حڪومت جي لاپرواهي آهي، سنڌ فرانزڪ ليب هن سال جي آخر تائين فعال ٿي ويندي.جڏهن گل پلازا متاثرين جي منتقلي بابت پڇيو ويو ته سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته گل پلازا جي سامهون ٻه پلازا آهن جتي دڪاندارن کي منتقل ڪيو ويندو. حڪومت پلازا جي مالڪن سان ڳالهائي رهي آهي. هڪ پلازا ۾ 500 دڪان آهن ۽ ٻئي ۾ 350 دڪان آهن.سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته ڪميٽي گل پلازا کي ٿيل نقصان جو اندازو لڳائيندي، ۽ حڪومت ان جو ازالو به ڪندي. ڪميٽي ٽن هفتن اندر گل پلازا کي ٿيل نقصان جي رپورٽ حڪومت کي پيش ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو