ڪراچي ۾ سياري جو پهريون وسڪارو،ٿڌ ۾ اضافو

ڪراچي ۾ سياري جو پهريون وسڪارو،ٿڌ ۾ اضافو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ سياري جي پهرين برسات کان پوءِ ٿڌ جي شدت وڌي وئي. شهر جي مختلف علائقن ۾ مينهن ۽ هلڪي برسات رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن ۾ صدر ۽ جيل روڊ شامل آهن.موسميات کاتي موجب، اڄ رات ۽ سڀاڻي شهر ۾ هلڪي برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته وقفي وقفي سان بونداباندي ۽ هلڪي برسات جاري رهي سگهي ٿي، جنهن جي ڪري گرمي پد ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان آهي.ٻئي طرف ملڪ جي مختلف حصن ۾ برفباري ۽ مينهن جو سلسلو جاري آهي ۽ برفباري سبب سياحتي هنڌن تي ٿڌ جي شدت ۾ اضافو ٿي ويو آهي. نيلم وادي ۾ وقفي وقفي سان تيز ۽ هلڪي برفباري جو سلسلو جاري آهي. برفباري نيلم وادي جي مٿئين علائقن ۾ ٿڌ جي شدت کي وڌائي ڇڏيو آهي، جن ۾ جاگران، اپر نيلم، شاردا، اورنگ ڪيل، گريس، توبت شامل آهن، جڏهن ته مکيه نيلم هاءِ وي ۽ ڪنيڪشن روڊن تي سلپڻ به وڌي وئي آهي.گلگت بلتستان ۾ چلاس، بابوسر ٽاپ، نانگا پربت ۽ بتوگاه ٽاپ تي برفباري جو سلسلو جاري آهي.ڏکڻ ۽ اتر وزيرستان جي مٿانهين علائقن ۾ به برفباري ۽ مينهن سبب موسم ٿڌو ٿي ويو آهي.بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي، جن ۾ چمن، حب، ونڊر، پشين، زيارت ۽ مسلم باغ شامل آهن.ڪوئيٽا، گوادر ۽ جيوني ۾ برساتن سبب دريائن ۽ واهن ۾ ٻوڏ آئي آهي ۽ هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو