ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته کيس سياسي سرگرمين تي ڪو اعتراض ناهي، پر شهر کي يرغمال بڻائڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته سهيل آفريدي سنڌ جي وڏي وزير سان ڳالهايو آهي.هن چيو ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير ڪراچي پريس ڪلب ۽ انصاف هائوس جو دورو ڪندو، اسان کي ڪو مسئلو ناهي.ڪراچي جي ميئر خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي لاءِ ڪراچي ۾ لنچ جي ميزباني ڪرڻ جي آڇ پڻ ڪئي.










