ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ هڪ مبينا پوليس مقابلي ۾ ٽن زخمين سميت پنج شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.پوليس موجب، شڪي ماڻهن جو تعلق هڪ ڊڪوٽا گينگ سان آهي. شڪي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ فرار آهن.شڪي ماڻهن کان هڪ ڪار، موبائل فون، ليپ ٽاپ ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.










