ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران ٻه شڪي مارجي ويا ۽ ڇهه زخمين سميت ست شڪي گرفتار ڪيا ويا. بلال ڪالوني پوليس جي سيڪٽر بي-5 ۾ عيدگاهه گرائونڊ جي ويجهو مقابلي ۾ هڪ شڪي مارجي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ۽ ڳولا جاري آهي. پوليس چيو آهي ته فوت ٿيل شڪي 4 جنوري تي ڦر جي مزاحمت ڪرڻ تي 18 سالن جي سعد جي فائرنگ ۾ ملوث هو. فوت ٿيل شڪي کي ڪيترائي ڀيرا گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ کيس جيل موڪليو ويو آهي.ايس آءِ يو پوليس جو موچڪو ٽينٽ ڪالوني ويجهو شڪي ماڻهن سان فائرنگ جو تبادلو ٿيو. جميل چنگا گينگ جي ڀتا خورن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو. فائرنگ جي تبادلي ۾ هڪ شڪي مارجي ويو.ان دوران، فيروز آباد پوليس جو شهيد ملت روڊ هِل پارڪ ويجهو مقابلو ٿيو. فائرنگ جي تبادلي کان پوءِ، هڪ شڪي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ۽ ڳولا جاري آهي.سچل پوليس جو ڌاڙيلن سان مقابلو ٿيو، مقابلي کان پوءِ هڪ جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جنهن دوران جوابدار جو ساٿي فرار ٿي ويو، عزيز ڀٽي پوليس ڊالميان شانتي نگر ويجهو فائرنگ جي تبادلي کان پوءِ هڪ زخمي سميت ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو.سائيٽ اي پوليس ميٽرول قبرستان ويجهو مقابلي کان پوءِ ٻن جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو، عيد گاهه پوليس ايم اي جناح روڊ جوبلي مارڪيٽ ويجهو فائرنگ جي تبادلي کان پوءِ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو، جوابدارن جي فائرنگ ۾ هڪ راهگير به زخمي ٿيو.مارجي ويل ۽ گرفتار زخمي جوابدارن جي قبضي مان هٿيار، چوري ٿيل سامان ۽ موٽر سائيڪلون پڻ هٿ ڪيون ويون، گرفتار جوابدارن خلاف مختلف قلمن تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.










