ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) اقبال مارڪيٽ پوليس هئا ڳوٺ ۾ هٿياربندن سان مقابلي کانپوءِ 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب، جوابدارن سان ٻنهي طرفن کان ٿيل فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ جوابدار زخمي پڻ ٿيو، گرفتار ٿيل زخمي جوابدار جي سڃاڻپ محمد فراز جي نالي سان ٿي آهي.زخمي جوابدار جي گرفتار ساٿين جي سڃاڻپ نصير علي، محمد رمضان ۽ اقبال جي نالن سان ٿي، گرفتار جوابدارن جي قبضي مان هٿيار، موبائل فون ۽ نقدي رقم برآمد ڪئي وئي آهي.










