ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي لانڍي علائقي ۾ هڪ پلاسٽڪ جي گودام ۾ باهه لڳي وئي.فائر برگيڊ عملدارن موجب، ڪراچي جي لانڌي علائقي ۾ ريڙهي ڳوٺ ويجهو هڪ پلاسٽڪ جي گودام ۾ لڳل باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.عملدارن جو چوڻ آهي ته خوشقسمتيءَ سان باهه ۾ ڪو به زخمي نه ٿيو.باهه لڳڻ جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو.










