ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي منگهو پير واري علائقي ۾ ٽرڪ جي ٽڪر ۾ هڪ ڇوڪري فوت ٿي وئي. ڇوڪري جي پيءُ خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.پوليس موجب، حادثي کان پوءِ ٽرڪ ڊرائيور فرار ٿي ويو.شهري انتظاميا صبح 6 وڳي کان رات 10 وڳي تائين شهر ۾ وڏي ٽرئفڪ جي داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.ڏينهن جي وقت وڏي ٽرئفڪ تي 2 مهينن لاءِ پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب وڏي ٽرئفڪ لاءِ متبادل رستا مقرر ڪيا ويا آهن.










