ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) شهر قائد جي ڪورنگي علائقي ۾ هڪ ٻيو ننڍڙو ٻار کليل مين هول ۾ ڪرڻ سبب فوت ٿي ويو.ريسڪيو اختيارين موجب، گورنگي جي مهراڻ ٽائون سيڪٽر 6G ۾ انتظاميه جي لاپرواهي سبب هڪ ٻيو ٻار گندي پاڻي جي نالي ۾ ڪرڻ سبب فوت ٿي ويو.اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻار جي سڃاڻپ دلبر علي جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو پنهنجي گهر جي ويجهو راند ڪندي پير سلپ ٿيڻ سبب کليل مين هول ۾ ڪري پيو.انهن وڌيڪ چيو ته حادثي وقت علائقي جي رهواسين بروقت قدم کڻي ٻار کي ٻاهر ڪڍيو، پر هو بچي نه سگهيو، جنهن کان پوءِ ريسڪيو اختيارين لاش کي قانوني ڪارروائي لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو.










