گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جو حڪم

گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي مان گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي جي مختلف علائقن مان گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي. عدالت گڏيل جاچ ٽيم (جي آءِ ٽي)، پي ٽي ايف ۽ پوليس جي رپورٽن تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن کي ذاتي طور تي معاملي جي جاچ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته گم ٿيل ماڻهن جو ڪنهن تي به الزام نه ٿو لڳائي سگهجي، گم ٿيل ماڻهن کي ڳولڻ سڀني جي ذميواري آهي.ٻڌڻي دوران پوليس عدالت کي ٻڌايو ته گم ٿيل سمورن ماڻهن جي ڳولا جاري آهي.وفاقي گهرو سيڪريٽري پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته ڄاڻايل شهري ڪنهن به حراستي مرڪز ۾ قيد نه آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو