ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪيٽي بندر ڀرسان ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب شڪار لاءِ ويندڙ 8 ڄڻا ٻڏي ويا. رپورٽ موجب افسوسناڪ حادثو ڪيٽي بندر ڀرسان پيش آيو جنهن ۾ 8 ڄڻا ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب سمنڊ ۾ ٻڏي ويا. ٻڏي ويل ماڻهو سمنڊ ۾ پکين جي شڪار لاءِ ڪراچي مان ويا هئا.حادثي جي خبر پوندي مقامي مهاڻن فوري ڪارروائي ڪندي 6 ڄڻن کي پاڻي مان ڪڍي بچائي ورتو جڏهن ته ٻيڙي حادثي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا اڃان تائين گم آهن. شروعاتي رپورٽن موجب حادثي جو بنيادي سبب تيز لهرن ۽ خراب موسم کي قرار ڏنو ويو آهي جنهن سبب ٻيڙي ڪٽرول مان نڪري اونڌي ٿي وئي. مقامي مهاڻا گم ٿي ويل ماڻهن جي ڳولا ۾ مصروف آهن.ميري ٽائم سيڪيورٽي ايجنسي جي اختيارين موجب ٻيڙي حادثي واري هنڌ تي سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن جاري آهي، ڳولا ۽ بچاءُ آپريشن جي دوران ٻيڙي تي سوار 6 ڄڻن کي بچايو ويو آهي جڏهن ته ٻڏي ويل هڪ شخص ظهير احمد جي لاش کي ڪڍيو ويو آهي، هڪ ٻئي شخص واحد بخش ڳولا جاري آهي.اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي جو شڪار ٿيندڙ ماڻهن ۾ 5 جو تعلق ڪراچي ۽ 3 جو ڪيٽي بندر سان آهي. ريسڪيو جي دوران ٻڏي ويل ٻيڙي کي به ريڪور ڪرايو ويو آهي. حادثو امڪاني طور تي تيز هوائن سبب پيش آيو. ٻڏي ويل ماڻهو ڪيٽي بندر تي پکين ۽ مڇي جو شوقيه شڪار ڪري رهيا هئا.










