گهارو (ن س )گهارو ۾ قتل ڪراچي جي رهواسي ڇوڪري جي وحشياڻي قتل جو معمو حل ٿي ويو آهي، قاتل سندس ئي ٿيڻ وارو مڙس نڪتو.گهارو ۾ ڪراچي مان اغوا ٿيل هڪ ڇوڪري کي قتل ڪيو ويو، پوليس مقتول جي ٿيڻ وارو مڙس کي گرفتار ڪري ورتو.ڊي آءِ جي طارق ڌاريجو موجب صدر جي رهواسي ڇوڪري 3 ڏينهن کان گم هئي.پوليس جو چوڻ آهي ته ڇوڪري جي لاش گهارو فلٽر پلانٽ جي ويجهو ملي هئي.










