ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سينيٽ لائبريري ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر سرمد علي ڪراچي ۾ منعقد ٿيندڙ ٻئي ڪراچي فيسٽيول آف بڪس اينڊ لائبريريز 2025 جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي قومي ترقي ۾ ڪتابن ۽ لائبريرين جي اهميت تي زور ڏنو، ٻن ڏينهن وارو فيسٽيول ڪراچي فيسٽيول آف بڪس اينڊ لائبريريز جي سرپرستي هيٺ منعقد ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته افتتاحي تقريب جي ميزباني فيسٽيول جي باني، سينئر صحافي عزيز ميمڻ ۽ سيد خالد محمود ڪئي.پنهنجي خطاب ۾ سينيٽر سرمد علي اسلام جي بنيادي پيغام، “اقراء” جو حوالو ڏنو ۽ چيو ته پڙهڻ ۽ تعليم هڪ ترقي پسند سماج جي بنياد آهن، “ڪتابن ۽ لائبريرين کي زندهه ادارا سمجهيو وڃي، جن تي مسلسل ڌيان، بهتري ۽ ٻيهر تنظيم جي ضرورت آهي،هن چيو پڙهڻ جي گهٽجندڙ رجحان تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي هن چيو ته، “بدقسمتي سان، لائبريرين کي اهو ڌيان نه ڏنو ويو آهي جيڪو اهي مستحق آهن، جنهن جي ڪري ملڪ ۾ پڙهڻ جو رجحان آهستي آهستي گهٽجي رهيو آهي. ماضي کي ياد ڪندي، سينيٽر چيو ته “هڪ وقت هو جڏهن هر پاڙي ۾ ننڍيون لائبريريون هيون، پر هاڻي اها روايت تقريبن ختم ٿي چڪي آهي.اشاعت جي رجحانن ۾ گهٽتائي جو ذڪر ڪندي، هن چيو ته، “ماضي ۾، ڪتابن جون گهٽ ۾ گهٽ ٽي هزار ڪاپيون شايع ٿينديون هيون، جڏهن ته اڄ اهو انگ گهٽجي ٽي سئو ٿي ويو آهي.بهرحال، پڙهڻ جي واڌاري جي حوالي سان اميد جو اظهار ڪندي، هن ڪراچي انٽرنيشنل بڪ فيئر جو حوالو ڏنو، جتي لڳ ڀڳ اڌ ملين ماڻهن شرڪت ڪئي، جيڪو عوامي دلچسپي جو واضح ثبوت آهي. هن ملڪ ۾ نيشنل لائبريري ڊي يا نيشنل بڪ ريڊنگ ڊي ملهائڻ جو به مشورو ڏنو.هن موقعي تي، هن چيو ته، “جيتوڻيڪ دنيا تيزي سان مصنوعي ذهانت ڏانهن وڌي رهي آهي، اسان کي پنهنجي بنيادن، يعني ڪتابن سان ڳنڍيل رهڻ گهرجي، ۽ جديد ڊجيٽل ٽيڪنالاجي کي به فروغ ڏيڻ گهرجي. سينيٽر سرمد علي پنهنجي تقرير کي البرٽ آئن اسٽائن جي حوالي سان ختم ڪيو، تقريب ۾ عزيز ميمڻ، سيد خالد محمود، سيڪريٽري نيشنل بڪ فائونڊيشن مراد علي مومن، نيشنل لائبريري آف پاڪستان جا نمائندا حسنين شاهه، عظيم قريشي ۽ محبوب شاهه شرڪت ڪئي. فيسٽيول دوران ٻن ڏينهن لاءِ ڪتاب اسٽال ۽ ادبي سيشن منعقد ڪيا ويندا.










