ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)هڪ مسافر جيڪو جعلي دستاويزن تي غير قانوني طور تي پرڏيهه سفر ڪري رهيو هو کيس گرفتار ڪيو ويو آهي،وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي ترجمان موجب، مسافر جعلي دستاويزن تي ٿائيلينڊ سفر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، مسافر موجب، ايجنٽ کيس ڏکڻ ڪوريا پهچائڻ لاءِ 2.8 ملين رپين ۾ ڊيل ڪئي هئي. ايف آءِ اي عملدارن جو چوڻ آهي ته مسافر کيس ٿائيلينڊ کان ڏکڻ ڪوريا غير قانوني طور تي پهچائڻ لاءِ ڊيل ڪئي هئي.










