ڪراچي: شهر ۾ دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام

ڪراچي: شهر ۾ دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سيڪيورٽي ادارن ڪراچي ۾ وڏي پيماني تي دهشتگردي جي سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي.رئيس ڳوٺ ميونسپلٽي ۾ 4 ٽن کان وڌيڪ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو. ڌماڪيدار مادو ڊرم ۾ لوڊ ڪري شهر منتقل ڪيو ويو.سيڪيورٽي اختيارين موجب، 60 ڊرم، 5 گيس سلنڈر ۽ هڪ مني ٽرڪ قبضي ۾ ورتي وئي آهي.اختيارين جو چوڻ آهي ته آپريشن حراست ۾ ورتل دهشتگردن جي سڃاڻپ تي ڪيو ويو، ۽ هٿ ڪيل ڌماڪيدار مادو بم ڊسپوزل اسڪواڊ پاران ناڪاره بڻايو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو