ڪراچي: شادي جي تقريب ۾ فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

ڪراچي: شادي جي تقريب ۾ فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)فائرنگ جو واقعو ڪراچي جي علائقي قائد آباد جي ويجهو شادي جي تقريب ۾ پيش آيو، جنهن ۾ هڪ شخص مارجي ويو ۽ 2 زخمي ٿي پيا.پوليس موجب فائرنگ جو واقعو قائد آباد جي ويجهو مظفر آباد ڪالوني ۾ پيش آيو.پوليس فائرنگ جي الزام ۾ شاهزيب نالي هڪ شخص کي گرفتار ڪيو آهي.پوليس جوابدارن جي قبضي مان هٿيار هٿ ڪرڻ کان پوءِ واقعي جو ڪيس پڻ داخل ڪيو آهي.فائرنگ ۾ زخمي ٿيل 2 ماڻهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو