ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ رينجرز ملير جي جوڳي موڙ ۾ هڪ ڪارروائي ۾ 4 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو، چارئي جوابدار ڦرلٽ ۽ اسٽريٽ ڪرائم جي ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث هئا. جوابدارن جي قبضي مان هٿيار، 49 چوري ٿيل موبائل فون ۽ نقدي هٿ ڪئي وئي.رينجرز ترجمان موجب، گرفتار جوابدارن هڪ منظم گروهه جو حصو آهن جيڪو بندوق جي زور تي موبائل فون ڦرڻ ۽ 70 کان 80 موٽرسائيڪلون ڦرڻ جي ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث آهي.رينجرز ترجمان چيو ته جوابدارن 13 جنوري تي نيشنل هاءِ وي تي هڪ شهري کان 300,000 رپيا ڦريا هئا ۽ هڪ گاڏي تي فائرنگ به ڪئي هئي.










