ڪراچي: رهائشي عمارت ۾ ڌماڪي کان پوءِ باهه، هڪ ٻار فوت

ڪراچي: رهائشي عمارت ۾ ڌماڪي کان پوءِ باهه، هڪ ٻار فوت

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي نارٿ ناظم آباد حيدري ويجهو بسم الله ريزيڊنسي رهائشي عمارت ۾ گئس سلنڈر ڦاٽڻ سبب باهه لڳي وئي، جنهن تي ضابطو آندو ويو آهي.ذريعن موجب عمارت ۾ ٿڌي ڪرڻ جو عمل جاري آهي، باهه ۾ سڙڻ سبب هڪ ٻار فوت ٿي ويو، جڏهن ته هڪ عورت ۽ هڪ ڇوڪري سميت 4 ماڻهو زخمي ٿيا ۽ اسپتال منتقل ڪيا ويا. فليٽ ۾ ڌماڪي جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو.فائر برگيڊ عملدارن موجب، عمارت جي نائين منزل تي باهه لڳي، جنهن فوري طور تي ڏهين منزل تي ڪيترن ئي فليٽ کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو. متاثر عمارت کي خالي ڪرايو ويو.ذريعن موجب، متاثر عمارت جي ڀرسان هڪ خالي پلاٽ تي بيٺل گاڏيون به نقصان کان محفوظ نه رهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو