ڪراچي: رمضان کان اڳ پوليس متحرڪ، 13 شڪي گرفتار

ڪراچي: رمضان کان اڳ پوليس متحرڪ، 13 شڪي گرفتار

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) رمضان کان اڳ، ڊسٽرڪٽ سٽي پوليس ۽ سنڌ رينجرز لياري جي مختلف علائقن ۾ گڏيل ڪومبنگ آپريشن ڪيو.پوليس موجب، آپريشن دوران هاٽ اسپاٽ، گهرن ۽ رهائشي هوٽلن جي ڳولا ڪئي وئي، تلاش ايپ ڊيوائس ذريعي شڪي ماڻهن جي جانچ ڪئي وئي، ڪومبنگ سرچ آپريشن لياري جي چئني پوليس اسٽيشنن جي حدن اندر ڪيو ويو.ڪومبنگ سرچ آپريشن ۾ پوليس، عورت اهلڪارن ۽ سنڌ رينجرز اهلڪارن جي هڪ وڏي نفري پڻ موجود هئي، علائقي کي گهيري ۾ رکيو ويو ۽ گهر گهر سرچ ڪيو ويو.آپريشن دوران 200 کان وڌيڪ ماڻهن جي چڪاس ڪئي وئي، آپريشن دوران 13 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي پوليس اسٽيشن منتقل ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو