ڪراچي جي پهرين ڊجيٽلائيزڊ هيلٿ ڪيئر سينٽر جو افتتاح ٿي ويو

ڪراچي جي پهرين ڊجيٽلائيزڊ هيلٿ ڪيئر سينٽر جو افتتاح ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)وفاقي صحت واري وزير مصطفيٰ ڪمال ڪراچي جي پهرين ڊجيٽلائيزڊ هيلٿ ڪيئر سينٽر جو افتتاح ڪري ڇڏيو،ڊجيٽلائيزڊ هيلٿ ڪيئر سينٽر وفاقي هيلٿ ڪيئر ڊجيٽلائيزيشن پروگرام جو حصو آهي. هڪ تقريب وفاقي حڪومت جي ڊسپينسري، سول ايوي ايشن ڪالوني ۾ منعقد ڪئي وئي.وفاقي صحت واري وزير سيد مصطفيٰ ڪمال تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڊجيٽلائيزڊ هيلٿ ڪيئر سينٽر صحت جي نظام جو حصو آهي، صحت جي سار سنڀال ماڻهن کي بيمار ٿيڻ کان بچائڻ بابت آهي.هن چيو ته هي عمل ٻارن جي پيدائش جي وقفي سان شروع ٿئي ٿو، صحت جي سار سنڀال پاڻي کي صاف ڪرڻ ۽ ويڪسينيشن ڪرائڻ بابت آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو