ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)جماعت اسلامي ڪراچي جي امير مُنعم ظفر جو چوڻ آهي ته جن تي پابندي لڳائي وئي آهي اهي ڪراچي جي مسئلن جا ذميوار آهن، ڳالهائيندي هن چيو ته اسان پنهنجي وسيلن سان 30 هزار مين هول جا ڍڪ ٺاهيا ۽ نصب ڪيا آهن،مُنم ظفر جو چوڻ آهي ته ٻار جي لاش 15 ڪلاڪن کان پوءِ ملي، ماڻهن کان بيلچو آڻڻ لاءِ پئسا ورتا ويا، ٺيڪيدار کان بيلچو ڪرائي تي ورتو ويو، ڊيزل لاءِ پئسا ورتا ويا.هن چيو ته مرتضيٰ وهاب سميت سڀني آفيسرن کي فون ڪيو، رات جو ڪو به نه آيو، ٽائون چيئرمين جي ڪا به ذميواري ناهي، پر اسان جو چيئرمين موجود هو.










