ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڌاٻيجي سب اسٽيشن ۽ گرڊ اسٽيشن تي سالياني سار مينٽينس جي ڪري اڄ ڪراچي شهر جي مختلف علائقن ۾ 12 ڪلاڪن لاءِ پاڻي جي فراهمي معطل رهندي. واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان موجب، ڪي-اليڪٽرڪ پاران سالياني مينٽينس اڄ صبح 8 وڳي کان شام 8 وڳي تائين جاري رهندو.بندش جي ڪري، ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي ۾ تقريبن 100 ملين گيلن جي گهٽتائي جو امڪان آهي، جنهن جي ڪري لانڍي، ڪورنگي، شاهه فيصل، ڊي ايڇ اي، چنيسر ٽائون، جناح ٽائون، نارٿ ناظم آباد ۽ گلبرگ ٽائون ۾ پاڻي جي فراهمي جزوي طور تي متاثر ٿيندي.










