ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) اورنگي ٽائون سيڪٽر 14 ويجهو شاديءَ جي تقريب ۾ فائرنگ سبب 2 گهٽ عمر وارا ڇوڪرا حياتي وڃائي ويٺا. پوليس موجب، شروعاتي طور تي فائرنگ جي واقعي ۾ هڪ 15 سالن جو ڇوڪرو فوت ٿي ويو هو ۽ 17 سالن جو سخت زخمي ٿيو هو، پر پوءِ سخت زخمي ٿيل ڇوڪري به علاج دوران عباسي شهيد اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو.فوت ٿي ويل ٻنهي ڇوڪرن جي سڃاڻپ 15 سالن جي انس ۽ 17 سالن جي سيف الله جي نالن سان ٿي آهي. فائرنگ جي واقعي ۾ ملوث 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري هٿيار برآمد ڪيا ويا آهن، جڏهن ته وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.










