ڪراچي، پاڻي جي ٽينڪر جي ٽڪر ۾ هڪ ٻار فوت ٿي ويو

ڪراچي، پاڻي جي ٽينڪر جي ٽڪر ۾ هڪ ٻار فوت ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ڪورنگي مهراڻ ٽائون واري علائقي ۾ پاڻي جي ٽينڪر جي ٽڪر ۾ هڪ ٻار پيادل فوت ٿي ويو.حادثي کان پوءِ پاڻي جي ٽينڪر جي ڊرائيور فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر شهرين کيس پڪڙي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.پوليس موجب، ٻار جي لاش کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ڊرائيور خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.ياد رهي ته هن مهيني جي 28 ڏينهن ۾ تيز ٽرئفڪ ۾ فوت ٿيندڙ ماڻهن جو انگ 16 کان وڌيڪ ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو