ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي لانڍي واري علائقي ۾ ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار ٻه ماڻهو فوت ٿي ويا.پوليس موجب لانڍي ۾ فيوچر موڙ ويجهو هڪ ٽرالر موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه موٽرسائيڪل سوار فوت ۽ هڪ شخص زخمي ٿي پيو. واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون. جنهن کان پوءِ زخمي شخص کي لاشن سان گڏ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي انهن کي طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.










