ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) عزيز آباد پوليس ڪارروائي ڪندي هڪ جعلي پوليس آفيسر کي گرفتار ڪيو، پوليس موجب، گرفتار ٿيل جوابدار پوليس جي نالي تي شهرين کي ڌمڪيون ڏئي ڦرلٽ ۾ ملوث آهي. جعلي پوليس آفيسر شوڪت جا ٻه ساٿي موقعي تان فرار ٿي ويا،پوليس جو چوڻ آهي ته فرار ٿيل جوابدارن جي سڃاڻپ عارف ڪمانڊو ۽ سليم جي نالي سان ڪئي وئي آهي. گرفتار جوابدارن جي قبضي مان واقعي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان هٿ ڪيو ويو آهي،پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن کان هڪ جعلي پوليس ڪارڊ، پوليس جيڪٽ ۽ موبائل فون پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.










