ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گذريل رات دير سان ٿيندڙ مبينا مقابلي کانپوءِ پوليس ست شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو، جن ۾ ڇهه زخمي به شامل آهن.سائيٽ سپر هاءِ وي پوليس مقابلي کان ڪجهه ڪلاڪن بعد هڪ شهري کي زخمي ڪندڙ ۽ موٽرسائيڪل چوري ڪندڙ ملزم کي گرفتار ڪري ورتو ۽ سندس قبضي مان هٿيار، چوري ٿيل سامان ۽ چوري ٿيل موٽرسائيڪل برآمد ڪري ورتي.پاپوش نگر پوليس مقابلي دوران زخمي حالت ۾ ملزم کي گرفتار ڪري ورتو ۽ هٿيار ۽ چوري ٿيل سامان برآمد ڪري ورتو، جڏهن ته گلبرگ پوليس طاهر ولا چورنگي ويجهو مبينا فائرنگ جي تبادلي کانپوءِ هڪ شڪي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، ۽ ملزم جي قبضي مان هٿيار هٿ ڪيا ويا.خواجه اجمير نگري پوليس ٺوٺي بازار ويجهو مبينا مقابلي کانپوءِ هڪ شڪي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو ۽ هٿيار ۽ موبائل فون هٿ ڪيا ويا.موچڪو پوليس ۽ شڪي ماڻهن جي وچ ۾ فائرنگ جي تبادلي کان پوءِ ٻن شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو، جن ۾ هڪ زخمي به شامل آهي ۽ انهن جي قبضي مان هٿيار، چوري ٿيل سامان ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي.قائد آباد پوليس فائرنگ جي تبادلي کان ڪجهه ڪلاڪن بعد هڪ شڪي کي گرفتار ڪري ورتو، پر سندس ساٿي رات جي اونداهي جو فائدو وٺندي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. جوابدار جي قبضي مان هٿيار، موبائل فون ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي.پوليس گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي.










